احد جي جنگ

اُحد جي جنگ: جنگ بدر کان پوءِ نبي سڳوري صلي الله علي وسلم جي وڏي جنگ شوال 3 هه/23 مارچ 625ع ۾ لڳي، جنهن جا ذميدار قريش هئا، جن بدر واري جنگ جو بدلو وٺڻ لاءِ حملو ڪيو هو. نبي سڳوري جن ستن سَوَن اصحابين سان ڊاٻو ڪيو. قريش ٽن هزارن جي لشڪر سان گڏ الهندي طرف هئا. نبي سڳوري جن ننڍي ٽڪريءَ تي پنجاهه تيرانداز بيهاري ڇڏيا هئا ته جيئن اُهي اسلامي لشڪر جي حفاظت ڪن، ۽ کين تاڪيد ڪيائون ته ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي جاءِ نه ڇڏين. قريشن پهرئين ئي حملي ۾ ڀاڄ کاڌي ته پاڻ سڳورن جا بيهاريل تيرانداز به پنهنجي جاءِ ڇڏي ميدان ۾ لهي آيا. قريشن اهو ڏسي موٽي اچي، انهيءَ هنڌان مسلمانن جي لشڪر تي حملو ڪيو، جنهنڪري مسلمانن کي سخت مالي ۽ جاني نقصان پهتو ۽ خود نبي سڳوري صلي الله عليه وسلم جن جا ٻه ڏند مبارڪ به شهيد ٿي پيا.


لفظ احد جي جنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0003.10.00  هجري

اُحد جي جنگ: جنگ بدر کان پوءِ نبي سڳوري صلي الله علي وسلم جي وڏي جنگ شوال 3 هه/23 مارچ 625ع ۾ لڳي ،


0625.00.00  عيسوي

اُحد جي جنگ: جنگ بدر کان پوءِ نبي سڳوري صلي الله علي وسلم جي وڏي جنگ شوال 3 هه/23 مارچ 625ع ۾ لڳي ،



جنگيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حمرالاسد
دائودپوٽن ۽ ڏهرن جي جنگ
دٻلي ٻيٽ جي جنگ
خيبر جي جنگ غزوه خيبر
سيدن ۽ دائودپوٽن جي جنگ
ٻاڻ
امرڪس جي جنگ
ڀيٽاري واري جنگ
جنگ ۽ جنگ ناما
رند ۽ لاشار جي جنگ
جنگيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون